حيدرآباد:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 17 گريڊ جي وٽنري آفيسر جي نتيجن ۾ مبينا طور تي ميرٽ جي لتاڙ، معذور ڪوٽا تي فٽ نوجوان جي ڀرتي، جڏھن ته فٽ نوجوان کي ڪميشن انتظاميا پاران مبينا طور تي معذور ڄاڻائي 17 گريڊ جو وٽنري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، شبير آرائين کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انتظاميا معذور ڪوٽا تي وٽنري آفيسر لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پنهنجي اخبار کي مليل سندس زرعي يونيورسٽي جي رڪارڊ ۾ فٽ اينڊ فائن قرار ڏنل آهي، جڏھن ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي مليل وڊيو ۾ ڏسي سگهي ٿو ته معذور ڄاڻايل شاگرد وڊيو ۾. مڪمل طور فٽ نظر اچي رهيو آهي، جڏھن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مبينا طور تي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي معذور ڪوٽا تي ڏيندڙ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏيندڙ اميدوارن جي حق تي پڻ ڌاڙو هنيو ويو آهي، ياد رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 17 گريڊ جي وٽنري آفيسر واري نتيجن ۾ وڏي هيراڦيري جو به انڪشاف ٿيو آهي.ان کان اڳ زرعي يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي عماره کي جعلي ڊگري تي وٽرنري آفيسر طور ڀرتي ڪيو ويو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language