welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملير جيل ٽٽڻ جا اڳوڻي سپرنٽنڊنٽ ارشد شاهه سوڌو3 عملدار ذميوار قرار: اڳوڻي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي تي غفلت الزام ثابت

ملير:(سومر 25 آگسٽ 2025ع) ملير جيل مان 225 قيدي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي، جيل جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار پيرزادو ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عبدالله خاصخيلي کي ذميوار قرار ڏنو ويو، سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش، تڏهوڪو آءِ جي نذير قاضي ۽ ڊي آءِ جي حسن سهتو به غفلت جا مرتڪب قرار، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ حڪومت طرفان ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ چيف سيڪريٽري کي اماڻي ڇڏي. جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته هي واقعو زلزلي سان شروع ٿيو پر ڊگهي عرصي کان جاري انتظامي غفلت سبب معاملو وڌيڪ بگڙجي ويو، جيل انتظاميا جي ڪا تياري نه هئي، قانوني طريقيڪار تي عمل نه ڪيو ويو، ڪاميٽي جن خامين جي نشاندهي ڪئي، انهن ۾ ذاتي ۽ انفرادي ڪوتاهيون، اداراجاتي ڪوتاهيون مثال طور سيڪيورٽي خاميون، آپريشنل ڪمزوريون، تربيت ۽ تياري جي گهٽتائي، سامان ۽ انفرااسٽرڪچر جي گهٽتائي، گنجائش کان وڌيڪ قيدي ۽ نامناسب حالتون، ايف سي جي مقرري جا مسئلا شامل آهن. ڪاميٽي سفارش ڪئي ته جيل جي داخلي ۽ خارجي دروازن، بيرڪن جي دروازن، حفاظتي ديوارن ۽ ڪنٽرول پوائنٽس کي اعليٰ معيار تحت مضبوط ڪيو وڃي، سي سي ٽي وي جو مڪمل نظام هجي، جيڪو 24 ڪلاڪ رڪارڊنگ ڪري، جنهن جي نگراني سپرنٽينڊنٽ، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي آفيس ڪن. سمورن تالن، گيٽن ۽ حفاظتي رڪاوٽن جي باقاعده مرمت ۽ سار سنڀال جو شيڊيول ٺاهيو وڃي، زلزلي، باهه يا فساد جي صورت ۾ قيدين ۽ عملي لاءِ هنگامي هنڌ مقرر ڪيا وڃن، جيل اندر روشني کي بهتر بڻايو وڃي، خطرناڪ هنڌن تي موشن سينسرز لڳايا وڃن، الارم ۽ سائرن سسٽم فعال ڪيو وڃي، ماهوار مشقن ذريعي انهي سسٽم کي ٽيسٽ ڪيو وڃي، اداراجاتي سطح تي بحران کي منهن ڏيڻ واسطي آفيسرن لاءِ ڪرائيسز ريسپانس ٽريننگ ڪرايا وڃن، جنهن ۾ هجوم تي ڪنٽرول ڪرڻ، ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ، قيدين جي نفسيات ۽ غير مهلڪ ٽيڪنڪ شامل هجن، هر 6 مهينن بعد ٽريننگز ٿيڻ گهرجن، جيل عملي کي مرچن جو اسپري، اسٽين گنز ۽ سموڪ گرنيڊ وغيره فراهم ڪري انهن کي هلائڻ جي سکيا پڻ ڏني وڃي ، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته هڪ الڳ اسلحه خانه ٺاهيو وڃي، جيڪو جيل جي اندرين حصي کان ٻاهر هجي، جنهن ۾ اينٽي رائيٽ سامان، هيلمٽ، آنسو گيس، باڊي شيلڊز ۽ ڊرونز هجن، هٿيارن ۽ سامان جو رڪارڊ ڊجيٽلائز هجي، هٿيارن ۽ ڪميونيڪيشن ڊوائيسز جو ايمرجنسي ذخيرو هجي، ڪميونيڪيشن ۽ نگراني جو متبادل نظام ٺاهيو وڃي ته جيئن بجلي نه هجڻ يا ٽيڪنيڪل ناڪامي جي صورت ۾ به رابطا برقرار رهن. رپورٽ موجب جيل جو اڳوڻو سپرنٽنڊنٽ ارشد شاهه، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار پيرزادو ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عبدالله خاصخيلي غفلت جا ذميوار آهن، سندن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن سميت ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي، تڏهوڪو آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي به غفلت جا ذميوار آهن، جيڪي واقعي کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا. رپورٽ موجب جيل ٽوڙڻ وارو واقعو ڪا انفرادي غلطي ناهي پر تياري، ڍانچي ۽ احتساب جي نظام جي مڪمل ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو، انهي جو هڪ ڪارڻ زلزلو ٿي سگهي ٿو پر اصل ناڪامي اداراجاتي غفلت آهي، جنهن کي هاڻي جامع سڌارن ۽ احتساب ذريعي درست ڪري سگهجي ٿو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے