ڪراچي:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي گورنر پرڳڻي جي 9 تعليمي بورڊن ۾ چيئرمينن جي مقرري واري ترميمي بِل تي اعتراض واري اسيمبلي کي واپس ڪري ڇڏيو،. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي 9 تعليمي بورڊن ۾ چيئرمينن جي مقرري واري معاملي تي سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل ترميمي بل کي گورنر ڪامران ٽيسوري اعتراض لڳائي واپس اسيمبلي اماڻي ڇڏيو، ترميمي بِل موجب تعليمي بورڊن ۾ 20 هين ۽ 21 هين گريڊ بجاءِ 19هين ۽ 20 هين گريڊ جا ڪامورا چيئرمين طور مقرر ٿي سگهندا، ان حوالي سان گورنر ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 116/ 2 بي تحت ترميمي بِل ٻيهر غور لاءِ سنڌ اسيمبلي اماڻيو ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي پاران بل جي ٻيهر منظوري جي صورت ۾ گورنر جي صحيح جي ضرورت نه پوندي، بل منظور نه ڪرائڻ جي صورت ۾ سرڪار کي 20 يا21 هين گريڊ جا ڪامورا ئي بورڊ چيئر مين مقرر ڪرڻا پوندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language