
ببرلو:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)ڪراچي پريس ڪلب کان آءِ بي اي پاس ٽيسٽ اميدوارن جو پيادل قافلو ٻٻرلوء پهتو، ٻٻرلوءِ قومي شاهراه تي روڊ بلاڪ ڪري ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 کان مٿي مارڪون کڻندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن پاران ڪراچي پريس کان لانگ 18 ڏينهن جو پيادل مارچ ڪري ٻٻرلوءِ پهتو جتي وڪيل اڳواڻ سيد جعفر علي شاھ، سکر جي سماجي اڳواڻ ميڊم شائسته کوسو سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران اميدوارن سان گڏجي ڪري ٻٻرلوءِ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون ٻيهجي ويون ان سلسلي ۾ آء بي اي پاس اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين مسلسل چئن سالن کان احتجاج ڪندا اچون پيا پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 45 ڏينهن احتجاجي ڌرڻو هڻي ويٺل هئاسين ان بعد ڪراچي پريس ڪلب کان 18 ڏينهن جو پيادل مارچ ڪري ٻٻرلوءِ پهچي ڪري ٻٻرلوءِ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي هاڻ جيسي تائين اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا اسان جو هي ڌرڻو جاري رهندو مسلسل ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو لڳائڻ بعد ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڪري ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن توڙي سماجي اڳواڻ شائسته کوسو سان ملاقات ڪري يقين ڌياني ڪرائي ته چوويھ ڪلاڪن اندر هو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اعلي عملدارن سان رابطو ڪري اميدوارن جا جائز مطالبا حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني بعد اميدوارن پاران ٻٻرلوءِ قومي شاهراه تان ڌرڻو ختم ڪري قومي شاهراهه ڀرسان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي ان سلسلي اميدوارن جو چوڻ هو ته ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن هو پنهنجي ڪيل واعدي تي پورو نه لٿا ته سڀاڻي 12 بجي کان پوءِ ٻيهر ڌرڻو هڻي قومي شاهراه تي ويهي رهنداسين ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان سان ڳالهيون نه ڪيون ته پوءِ ٻٻرلوءِ کان پوءِ اسان جي هي تحريڪ ٻٻرلوءِ کان اسلام آباد طرف شروع ڪنداسين ۽ پنهنجي حق وٺڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language