
ملير:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ زمينن جي والار خلاف شهري روڊ ن تي نڪري آيا، ضياءُالدين يونيورسٽي آڏو مظاهرو ان ڏس ۾ ملير جي ديهه چوهڙ جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين پيپلزپارٽي ضلعي ملير جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مجاهد جوکيو، سماجي اڳواڻ سليم سالار، حسين بخش جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لنڪ روڊ لڳ ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي سروي زمينن تي قبضي خلاف مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ 18 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، هن وقت سروي زمينن مان روڊ ڪڍيو پيو وڃي، مٿان وري ايجوڪيشن سٽي ۾ تعمير ٿيندڙ تعليمي ادارن ۾ هڪ به مقامي شاگرد کي داخلا ناهي ڏني وئي،هنن چيو ته ايجوڪيشن سٽي ٺهڻ وقت ڳوٺاڻن سان ڪيل واعدن تي عمل ناهي ڪيو ويو، ويتر تعليم ۽ ترقي جي آڙ ۾ مقامي ڳوٺن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته ملير جا چونڊيل نمائندا بااثر ماڻهن آڏو بيوس بڻيل آهن، اهي ڳوٺاڻن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ڳوٺاڻن پنهنجون زمينون انهي لاءِ نه ڏنيون هيون ته کين بيدخلي کي منهن ڏيڻو پوي، اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ايجوڪيشن سٽي جي آڙ ۾ سروي زمينن تي قبضن جو نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language