بخشاپور:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)بخشاپور ويجهو ڀنگوار ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان ڪراچي کان واپس ايندڙ نوجوان قتل، موٽرسائيڪل سوار هٿياربند الطاف حسين پٽ الهوڌايو ڀٽو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته الطاف ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو، اڄ واپس بڊاڻي اچي رهيو هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو، خوني تڪرار تان ڀٽا برادري جا 4 ۽ ڀنگوار برادري جا 2 ڄڻا مارجي چڪا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language