اسلام آباد:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو آهي.
پيٽرول جي قيمت ۾ 7.54 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 264.61 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 1.48 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي نئين قيمت 285.83 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو آهي
ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي.
ان کان علاوه، پيٽرول تي ليوي 77.1 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل تي ليوي پڻ 78.2 رپيا في ليٽر تي برقرار رکي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language