welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايراني صدر مسعود پزشڪيان اعليٰ سطحي وفد سان ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، پرجوش استقبال

لاھور:(ڇنڇر 02 آگسٽ 2025ع)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي لاهور پهتو جتي صدر مسلم ليگ(ن) نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سندس پرجوش استقبال ڪيو. ايراني صدر جي استقبال لاءِ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڀرپور تياري ڪئي وئي هئي، ايئرپورٽ کي پاڪستان ۽ ايران جي جهنڊن سان سجايو ويو هو ۽ ايراني صدر جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ به وڇايو ويو هو. ايراني صدر اقبال جي مزار تي حاضري کان پوءِ اڄ شام ئي اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويندو. ايران جو صدر پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي. ايراني صدر جي اڄ شام ئي صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سان ملاقاتون شيڊول آهن. پاڪستان جي دوري تي روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته دوري جو مقصد واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. ايراني صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي دوري دوران سرحدي سلامتي ۽ علاقائي امن جي معاملي تي بحث ٿيندا. سرحدي منڊيون ۽ رابطي جي گڏيل تعاون جا نوان رستا کولي سگهجن ٿا. ڪوشش آهي ته ٻطرفي واپاري جو حجم 10 ارب ڊالرن تائين پهچندو. صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي ۾ فعال شرڪت جا خواهشمند آهيون، ون بيلٽ ون روڊ منصوبي سان ايران کي يورپ سان جوڙڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو.ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته پاڪ ايران اسلامي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ناڪام رهنديون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے