welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مهانگائي7سيڪڙو رهندي: وياج گهٽجڻ سان معاشي ۽ ڪاروباري موقعا پيدا ٿيندا: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته اسان مهانگائي کي 3.8 مان 3.2 ۽ وياج شرح کي 22 مان 11 سيڪڙو تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ڪالهه اسٽيٽ بينڪ ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو ته اسٽيٽ بينڪ ملڪ جي ڊگهي مدي واري خوشحالي ۽ مالي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ماضي ۾ غيرمعمولي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو پر هاڻي پاڪستان اقتصادي استحڪام ۽ پائيدار ترقي ڏانهن اڳتي وڌي رهيو آهي. ھن چيو ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، مسلسل قدمن سان مئي 2024ع ۾ اها 11.8 ۽ جون 2025ع ۾ 3.2 سيڪڙو تي پهچي وئي. مهانگائي جي منظرنامي کي بهتر ڪرڻ لاءِ جون 2024ع کان پاليسي ريٽ ( وياج) کي ست مرحلن ۾ گهٽائي 22 مان 11 سيڪڙو تي آندو، هن چيو ته وياج شرح گهٽائڻ جو مقصد قيمتن ۾ حاصل ٿيل استحڪام کي برقرار ۽ مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين حد ۾ رکڻ آهي، وياج شرح گهٽجڻ سان وسيع معاشي ۽ ڪاروباري موقعا پيدا ٿيندا. ھن وڌيڪ چيو ته ٻاهرين شعبي ۾ به نمايان سڌارو آيو آهي، پاڪستان جا ناڻي جي ذخيرا مالي سال 2023ع جي آخر ۾ 4.4 ارب ڊالر هئا، جيڪي مالي سال 2025ع جي آخر تائين وڌي 14.5 ارب ڊالر ٿي ويا.14سالن ۾ پهريون ڀيرو 2.1 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو آهي، اوورسيز پاڪستانين 38.3 ارب ڊالر موڪلي اهم ڪردار ادا ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے