
ميھڙ:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحم علي کوسو ۾کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڌر جو 30 ورھين جو نوجوان صدر علي پٽ مريد کوسو قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻي ڌر جا علي حسن کوسو، سندس پٽ شعيب کوسو ۽ ويجھو عزيز سونو کوسو زخمي ٿي پيا. جھيڙي جي اطلاع تي ميھڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جڏھن ته ڌرين جون وارث عورتون ۽ وڏي تعداد ۾کوسا برادري جا ماڻھو تعلقي اسپتال پھتا. اسپتال ۾ وارث عورتون روئينديون ۽ ھڪ ٻئي کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رھيون. مقتول نوجوان جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ته قتل ٿيل نوجوان کي ڇاتي ۾ ھڪ گولي جو نشان نظر آيو، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگھجي ٿو، جڏھن ته زخمين کي وڌيڪ اعلاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار سبب ٿيل جھيڙي کان پوءِ ڌريون ھڪ ئي ڳوٺ جون ھجڻ ڪري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، وڌيڪ خونريزي جو خدشو پڻ آھي جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي، ڊي ايس پي معشوق ڪيريو موجب ته کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو آھي، فائرنگ سبب ھڪ ڌر جو ھڪ ڄڻو قتل ۽ ٻي ڌر جا ٽي ڄڻا زخمي ٿيا آھن، ڌرين ۾ ٿيل ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس نفري گھرائي جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو آھي، پوليس موجب ته ڌرين جو سڱاوتي معاملي تان جھيڙو ٿيو آھي واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.
اسپتال ۾ ٻيهر جھيڙو، عورتون هڪٻئي کي گھلينديون رهيون
ميهڙ: تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ پوليس ۽ ڊي ايس پي ميھڙ جي موجودگي دوران ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي، ڌرين جون عورتون ھڪ ٻئي کي گھلينديون رھيون، جھيڙي دوران اسپتال جي عملي ۽ مريضن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. پوليس جهيڙيندڙ ڌرين کي ڇڏائي جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو. مقتول نوجوان صدر علي کوسو جي وارثن پاران ٻي ڌر مٿان حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام ھنيو آھي، جڏھن ته زخمي ٿيل نوجوان شعيب، سونو کوسو ۽ ان جي وارث عورتن پاران مقتول نوجوان جي ڌر مٿان حملو ڪرڻ جا الزام ھنيا آھن.
ميھڙ: قتل ٿي ويل نوجوان صدر علي کوسو جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث ايمبولينس نه ملڻ تي چوپائي مال جي ڊالي ۾ لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، وارثن موجب ته اسپتال انتظاميه ايمبولينس نه ڏيڻ تي مال جي ڊالي ۾ لاش کڻڻو پيو آھي، اسپتال انتظاميه موجب ته ايمبولينس جھيڙي دوران زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال کڻي وئي ھئي ۽ ٻي ايمبولينس گھرائي پر وارث انتظار نه ڪرڻ بجاءِ پنھجي گاڏي ۾ ئي لاش کڻائي ويا آھن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language