welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪنڌڪوٽ ۾ وڏي واردات: ڳُڙ جي واپاري جي گهر مان 35 تولا سون ۽ رقم چوري

ڪنڌڪوٽ :(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نانڪ محلي ۾ واپاري جي گهر مان وڏي چوري واردات ٿي وئي،گهر ڌڻي ڳُڙ جو واپاري دليپ ڪمار بيساکو مل جي گهر ۾ نامعلوم چور اندر داخل ٿي گهر ۾ پيل 35 تولا سون ۽ 5 لک روڪ رقم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، ان حوالي سان واپاري دليپ ڪمار جو چوڻ هو ته منهنجي ننڍڙي جي طبيعت ٺيڪ نه هئي اسان فيملي ميمبر ڪراچي ويل هئاسين، 10 ڏينهن بعد واپس آياسين ته گهر مان چوري ٿيل آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي. ٻي طرف گهر ڌڻي پاران چوري واردات بابت حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. هوڏانهن پوليس جاءِ واردات جو معائنو ڪري واپس رواني ٿي وئي، پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے