welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قاضي احمد ۾ ڦوٽو سابقي جي قتل جو فيصلو، 83 لک ڏنڊ مقرر، جوابدار ڌر جو مڃڻ کان انڪار

قاضي احمد:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)چار مھينا اڳ گھٽا ڏئي وڏي بيدردي سان قتل ڪري ٻوري بند لاش واٽر ڪورس ۾ ڦٽو ڪرڻ واري معامري تي قاضي احمد لڳ ڳوٺ الھ بچايو سابقي واسي مقتول ڦوٽو سابقي جي واقعي بعد سابقي برادري وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو يونين ڪائونسل مرزاباغ جي يوسي چيئرمين بھار خان مري جي سرپئنچي ھيٺ مري ھائوس قاضي احمد تي ٿي گذريو فيصلي دوران الھ ڏتو ھوت عبدالطيف رند عبدالرزاق سابقي مفتي قربان ھوت ۽ عزيز اللُه سابقي ٻنھي ڌرين جا امين طور شريڪ ٿيا نبيري دوران جھيڙيندڙ ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر عارف سابقي تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي فيصلي جي سرپئج بھار خان مري جوابدار ڌر مٿان خون جي 83لک روپيا چٽي ( ڏنڊ) ۽ تڏو بخشرائڻ جي فتوا جاري ڪئي وئي فتوا بعد جوابدار ڌر فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جوابدار ڌر جو چوڻ ھو ته ڏنڊ جي رقم گھڻي آھي قتل جي مذڪوره واقعي دوران جوابدار مقتول ڦوٽو سابقي کي بيدردي سان قتل ڪري سندس جو لاش ٻوري بند ڪري پڊ لنڪ روڊ وٽ واٽر ڪورس ۾ ڦٽو ڪيو هو جنھن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ھو جھيڙيندڙ ٻنھي ڌرين وچ ۾ تڪرار ھلندڙ هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے