welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيبر پختونخوا حڪومت جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار، 3 ڄڻا شهيد

پشاور:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)خيبر پختونخوا حڪومت جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر باجوڙ ويندي ضلع مهمند ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا شهيد ٿي ويا. هيلي ڪاپٽر پشاور کان باجوڙ ويندي رستي ۾ گم ٿي ويو، ۽ ضلع مهمند پهچڻ کان پوءِ ان سان رابطو ختم ٿي ويو. چيـف سيڪريٽري خيبر پختونخوا مطابق، خراب موسم سبب هيلي ڪاپٽر چينگي بانڊه ۾ ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. ذريعن موجب، مهمند جي ڀرپاسي علائقن ۾ ڌماڪي جي آواز پڻ ٻڌي وئي، اطلاع موجب، حادثو خراب موسم جي ڪري پيش آيو، جڏهن ته ٻين سببن جي تصديق بعد ۾ ڪئي ويندي. امين گنڊاپور جو بيان وزيراعليٰ چيو ته هيلي ڪاپٽر باجوڙ ۾ امدادي سامان وٺي وڃي رهيو هو، پر خراب موسم سبب حادثو پيش آيو۔ هن چيو ته صوبي جي حڪومت هن ڏکئي گهڙي ۾ متاثرن سان گڏ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيندي۔ متاثرن کي هر ممڪن رليف ڏنو ويندو ۽ سيلاب ۾ ڦاٿل ماڻهن جي بچاءَ لاءِ ڪارروايون جاري آهن۔

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے