ڪراچي:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)ايف آئي اي سائبر ڪرائم سکر جي ڪراچي ۾ ڪارروائي ٽڪ ٽاڪر مخدوم جنيد جاني گرفتار، مزاحمت دوران اهلڪار کي ڪات هڻي زخمي پاڻ به سخت زخمي ٿي پيو.
ايف آئي اي سائبر ڪرائم سکر پاران ڪراچي ۾ ڪاروائي دوران ٽڪ ٽاڪر بشير احمد عرف مخدوم جنيد جاني کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو بليڪ ميلنگ، هراسان ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳن وڊيوز ذريعي شهرين کان لکين رپيا وصول ڪرڻ ۾ ملوث هو.
ايف آئي اي موجب، ڪيس انڪوائري نمبر 182/2025 تحت شڪارپور جي رهواسي عبدالصبور سائو عبدالصمد ميمڻ جي شڪايت تي جاچ جاري هئي، جنهن ۾ ملزم تي الزام هو ته هن ايڊٽ ٿيل وڊيو ذريعي متاثر کي بليڪ ميل ڪري مختلف اڪائونٽس ۾ 40 لک 44 هزار رپيا وصول ڪيا.
ڪراچي ۾ گرفتاري دوران، ملزم سخت مزاحمت ڪئي ۽ هڪ ايف آئي اي اهلڪار کي ڪات هڻي زخمي ڪيو، جڏهن ته پاڻ به زخمي ٿي پيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
ايف آئي اي جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان اهم ثبوت مليا آهن، جن ۾ موبائل فون، بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس شامل آهن، وڌيڪ جاچ دوران ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ به ڪاروائي جاري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language