
اسلام آباد:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)آڊٽ رپورٽ ۾ پيٽروليم شعبي ۾ 2050 ارب رپين کان وڌيڪ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ موجب انٽر ڪارپوريٽ سرڪلر ڊيٽ جو مسئلو حل نه ٿيڻ سبب 1427 ارب رپين جا واجبات جمع ٿيا، 350 ارب رپين جا جي آءِ ڊي سي فنڊز ٽرانس نيشنل پائپ لائينز لاءِ استعمال نه ڪيا ويا، سوئي گيس ڪمپنين کان 69 ارب رپين جون وصوليون نه ٿي سگهيون، جڏهن ته سوئي ناردرن آر ايل اين جي کي گهريلو سيڪٽر ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. آڊٽ رپورٽ مطابق ونٽر لوڊ مينيجمينٽ جي خلاف ورزي سان 53 ارب رپين تائين نقصان ٿيو، گيس فيلڊز ۾ ڪمپريشن اوزار لڳائڻ ۾ دير سبب 44 ارب جو نقصان ٿيو. رپورٽ مطابق او جي ڊي سي ايل غير منافعي بخش فيلڊز جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ ناڪام رهي ۽ انهن خرچن سبب منافعي ۾ 32.6 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، 9 ايڪسپوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنين کان 28 ارب رپين جي رائلٽي وصول نه ٿي، او جي ڊي سي ايل ٽيڪنيڪل ٻولي جي جائزي ۾ ناقص معيار اختيار ڪيو، 15.28 ارب رپين جا ٺيڪا غير تجربيڪار ٻولي ڏيندڙن کي ڏنا ويا. آڊٽ رپورٽ موجب پيٽروليم ڊويزن ريفائنري کان 14.63 ارب جي پيٽروليم ليوي وصول نه ڪئي، جيڪا اڳ ۾ ئي صارفين تي منتقل ٿي چڪي هئي، اضافي پائپ لائين منصوبي تي 10.45 ارب جو غير ضروري خرچ ٿيو، فيلڊز مان گيس حاصل ڪرڻ لاءِ پائپ لائين ۾ دير سبب 9 ارب جي لاڳت وڌي وئي، جڏهن ته 7.49 ارب جي لاڳت واريون گيس ڊولپمينٽ اسڪيمون وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language