
ڀٽ شاھ:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 282 هون عرس مبارڪ اڄ 14 صفر کان ڀٽ شاهه جي نگري ۾ شروع ٿي رهيو آهي، گورنر سنڌ پاران مزار تي چادر افتتاح ڪيو ويندو، خيبر پختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڀٽ شاھ پھچي مزار تي چادر تقريبن ۾ شرڪت ڪندو، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي اڄ پهرين ڏينهن تي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي طرفان به مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي، جنهن بعد ثقافتي ڳوٺ، صنعتي، زرعي ۽ جانورن جي نمائش جا افتتاح به صوبائي وزيرن طرفان ڪيا ويندا، پھرين ڏينهن تي ايچ ٽي سورلي هال ۾ سگهڙ ڪچهري ٿيندي جنهن ۾ مختلف علائقن مان سگهڙن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو، جڏهن ته ٻي ڏينهن لطيف ادبي ڪانفرنس ٿيندي جنهن ۾ مختلف صوبن مان اديب شاعر ۽ دانشور شرڪت ڪندا، جڏهن ته ثقافت کاتي طرفان عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن آڊيٽوريم هال ۾ لطيفي راڳ رنگ جي محفل ٿيندي جنهن ۾ نالي وارا فنڪار سرن جي ورکا ڪندا، ملاکڙا گرائونڊ ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا مقابلا به ٽئي ڏينهن جاري رهندا، ڍڳن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا به ميلي جو حصو هوندو،
حڪومت کي جيترا انتظام ڪرڻ گهرجن، اهي نٿا ڪيا وڃن: مصطفيٰ لطيفي
ڀٽ شاهه: گذريل ڏينهن شاھه لطيف فائونڊيشن پاران قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفيٰ حسين شاهه لطيفي پاران مزار تي چادر چاڙهي غير سرڪاري طور تي عرس مبارڪ جي رسمن جو افتتاح ڪيو ويو جنهن ۾ ڀٽائي خاندان جا فرد سيد خاور حسين شاھه لطيفي ،سيد غلام رضا شاهه لطيفي، سيد ياسر عباس شاه ،ڊاڪٽر جواد حسين، سيد محبوب حسين شاه ۽ ٻيا به گڏ موجود هئا. ان موقعي تي قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفا حسين شاه لطيفي جو چوڻ هو ته حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري رسمون شروع ٿي ويون آهن، شاھ لطيف جي پيغام امن محبت ۽ ڀائيچاري جو درس آهي جنهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عرس مبارڪ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين پانڌيئڙن شريڪ ٿيندا آهن. حڪومت کي جيترا انتظار ڪرڻ گهرجن اهي نٿا ڪيا وڃن جن جو ڏک آهي، هن چيو ته شاه لطيف فائونديشن طرفان پانڌيئڙن لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، بجلي جي بحران سبب ميلو متاثر ٿيندو. انتظاميه کي توجه ڏيڻ گهرجي، ملڪ جي موجوده صورتحال بهتر نه آهي جنهن لاءِ شاھ لطيف جي درس تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، درگاه تي زائرينن لاءِ شاھ لطيف فائونديشن طرفان ميڊيڪل ڪئمپ به قائم وئي آهي. ٻئي پاسي مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن نصير احمد ميمڻ، سردار اياز علي ميمڻ، عبدالرشید ڏيٿو، شڪور ناز خاصخيلي ،رحمت الله ترڪ ۽ ٻين ڀٽ شاھ پھچي درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي راڳ ٻڌو ۽ چيو ته هر سال جيان ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري سڪون محسوس ڪندا آهيون، ڀٽائي جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري جو درس آهي جنهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي هنن چيو ته ڀٽائي جي ميلي ۾ پانڌيئڙن لاءِ هر ممڪن سهولتون ڪرڻ گهرجن، حڪومت پاران بهتر انتظام نه ڪيا ويا آهن.
وقتي سجاده نشين پاران درگاهه تي ٻھاري ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي وئي
ڀٽ شاھه: درگاهه ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفيٰ حسين شاھه لطيفي پاران درگاه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي پهچي ٻھاري ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي پير آف ڀٽ شاهه سيد ڪاظم شاھ، شاھ لطيف فائونڊيشن جي اڳواڻ فقير بخت حسين بوداڻي، دادلو فقير لسڪاني، ڊاڪٽر قربان لسڪاڻي، سجاد حسين شيخ ۽ ٻيا به گڏ موجود هئا حاضري جي رسم دوران وڏي انگ ۾ مريد به موجود هئا ۽ قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفا حسين شاهه لطيفي پاران مريدن کي زيارت به ڪرائي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language