
سکر:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)سي ٽي ڊي سکر جي فيڊرل سويلين انٽيليجنس ايجنسي سان گڏجي سکر ۾ ڪارروائي، چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري پابندي پيل هٿيار ۽ ٻيو اسمگل وارو سامان برآمد، ترجمان سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته 14 آگسٽ جي موقعي تي امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اهم آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران همدرد سوسائٽي، 100 فوٽ روڊ سکر ۾ ڇاپو هڻي ممنوعه هٿيار ۽ ٻيو سامان اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث گروهه جي چئن جوابدارن محمد بلال راجپوت، محمد ابراهيم گڏاڻي، علي حسن ساوند، نادر علي ساوند کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گروهه جي وڌيڪ سهولتڪارن ۽ هن نيٽ ورڪ جي ٻين عنصرن جي گرفتاري لاءِ جاچ ۽ ڪارروايون جاري آهن. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ عوام کي يقين ڏياري ٿو ته 14 آگسٽ ۽ ٻين قومي تقريبن دوران امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا، ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جي اطلاع فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پڌرائي مطباق پڇا ڳاڇا دوران گرفتار جوابدار محمد ابراهيم گڏاڻي انڪشاف ڪيو آهي ته 2015ع ۾ قادر بخش جي هٿيارن جي دڪان تي هٿيارن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو. جتي ان جو ڀاءُ مولاداد هٿيارن جي مرمت جو ڪم ڪندو هو. خانداني جهيڙي ۾ هن پنهنجي مائٽ اصغر گڏاڻي جو قتل ڪيو ۽ مارچ 2018ع ۾ گرفتار ٿيو. گرفتار جوابدار محمد ابراهيم گڏاڻي ٻڌايو ته آگسٽ 2019ع ۾ ضمانت تي آزاد ٿي هٿيارن جي مرمت ۽ هٿيارن جي خريد و فروخت جو ڪم شروع ڪيو. هن عبدالغني شيخ آرمس شاپ سکر، عبدالعلي آرمس شاپ ۽ رضوان پٺاڻ خيرپور واري کان غير قانوني بنياد تي هٿيار خريد و فروخت ڪندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ان جي دوستي غير قانوني هٿيار ڊيلر عدنان قريشي، رضوان قريشي ۽ اسدالله والي سان ٿي. پشاور دره واري اجمل آفريدي ۽ شريف الله آفريدي کان هٿيار خريد ڪري سنڌ ۾ مختلف آرمس شاپ، غير قانوني هٿيار ڊيلر ۽ ڪجهه ڌاڙيلن کي سپلائي ڪندو رهيو آهي. گرفتار جوابدار محمد بلال راجپوت ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي کان محمد ابراهيم گڏاڻي سان گڏ غير قانوني هٿيار ۽ ٻيو ممنوعه مواد خريد و فروخت ڪندو رهيو آهي. گرفتار جوابدار محمد بلال راجپوت ٻڌايو ته منهنجي ملاقات پشاور جي هٿيار ڊيلر جواد پٺاڻ سان ٿي جيڪو سکر آيو هو. جواد پٺاڻ مختلف طريقن سان هٿيارن جي سپلائي ڪندو هو، هٿ آيل هٿيار ۽ هينڊ گرنيڊ علي حسن ساوند ۽ نادر ساوند ۽ محمد ابراهيم گڏاڻي رياض علي آريجو جي گاڏي ۾ پنهنجي گهر کڻي پيا وڃن. گرفتار جوابدار علي حسن ساوند ٻڌايو ته مان نادر ساوند، منظور عرف برڪت ساوند پشاور دره جي پٺاڻن کان غيرقانوني هٿيار خريد فروخت ڪندا رهيا آهيون ۽ اهي هٿيار مختلف علائقن باگڙجي، شاهه ٻيلو، ڪشمور ۾ پهچائيندا رهيا آهيون. گرفتار جوابدارن وٽان هڪ ڊيڊ هينڊ گرنيڊ، هڪ 12 بور پسٽل، ريوالور، وڏي انگ ۾ گوليون ۽ ڪار برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language