رائونتي:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)رائونتي ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ پنھون خان مزاري ڪالوني ويجھو ريڻي ڪئنال تي ويٺل گھر ۾ ستل مينگھواڙ برادري سان تعلق رکندڙ پي صاحب ڏنو ۽ سندس پٽ بالم مينگهواڙ کي رات ديرسان ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي چڙهائي ڪري گهر مان اغوا ڪري کڻي ويا آهن، اهڙو اطلاع ملڻ تي حد جي کنڀڙا پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي هئي ته پوليس کي ڪا خاطر خواهه ڪاميابي نه ملي سگهي، جنهن بعد پوليس خالي واپس موٽي آئي، اغوا ٿيل ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ پي ۽ پٽ آھن، جيڪي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد ٿيل آهن، مغوين جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان انتهائي مسڪين آهيون، اسان جي گھر ڀاتين کي جلد بازياب ڪرائي اسان جي گهر مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language