welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوشهري فيروز ۾ بيروزگاري کان بيزار نوجوان جي خودڪشي

نوشھروفيروز:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)ڳوٺ امام علي مشوري ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان اعجاز مشوري ڳوٺ ٻاھران وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کاڌو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پھچي لاش سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ۽ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. اطلاع تي نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڪيتري وقت کان بيروزگار ھو ۽ غربت جو شڪار ھو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے