گھوٽڪي:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)گهوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ پوليس جو جاگيراڻي گينگ خلاف آپريشن تيز پوليس پاران ڪيل ڊرون حملي ۾ عورت مارجي وئي، ڪچوٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ پوليس پاران ڏوهارين جي ٿاڪن تي ڪيل ڊرون حملي ۾ ڳوٺ حيات جاگيراڻي جي رهواسي محمد دين جاگيراڻي جي گهرواري زاهدان مارجي وئي مارجي ويل عورت جي وارثن موجب ته پوليس بيگناهه ماڻهن جي گهرن تي ڊرون حملا ڪري بيگناهه ماڻهن عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن کي ماري رهي آهي، جنهن سان علائقي ۾ امن بجاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته ڏوهارين جي گهرن مٿان حملا ڪري انهن جو خاتمون آندو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language