welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

“ڪاري آهين”: سکر ۾ مهمان ٿي آيل ڀاڻيجي هٿان چاقن جا وار ڪري ماسي قتل

سکر:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)سکر ۾ مهمان ٿي آيل ڀاڻيجي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ چاقن جا وار ڪري 50ورهين جي ماسيءَ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس قتل ۾ استعمال ٿيل چاقو سميت جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. سکر بئراج ڪالوني هاءِ ڪورٽ روڊ ڀرسان 50ورهين جي مسمات حسينه زال غلام سرور شيخ کي جوابدار حاجي شيخ چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق جوابدار ڀاڻيجو حاجي شيخ پنهنجي ماسيءَ جي گهر گذريل رات مهمان ٿي آيو هو، ڪالهه هُن پنهنجي ماسيءَ مٿان چاقن جا وار ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدار حاجي شيخ کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل چاقو به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس مطابق ابتدائي جاچ ۾ گرفتار جوابدار ٻڌايو آهي ته هن ماسيءَ کي ڪنهن غير مرد سان گاڏيءَ ۾ ويٺل ڏٺو هيو، غيرت ۾ اچي اِن قسم جو عمل ڪيو آهي. پوليس مطابق جوابدار حاجي مٽي مائٽيءَ واري معاملي تي به پنهجي مقتول ماسيءَ سان ناراض هيو. پوليس موجب گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. پوليس سول اسپتال سکر مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے