welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوشهري لڳ آئيس موالين جو ڪهر ، نينگر سان اجتماعي بدفعلي بعد آري بليڊ سان ڳڀا ڳڀا ڪري قتل

نوشھروفيروز:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع) ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي نينگر خميسو وڳڻ ڳترا ڳترا ڪيل لاش روھڙي ڪئنال جي نوشھرو فيروز ريگيوليٽر ڀرسان ھٿ آيو، لاش سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر کي آئيس نشي جي عادي جوابدارن منور مغل ۽ عثمان مغل ورغلائي اڻ ڄاتل جڳھه تي وٺي ويا، جتي نينگر سان جنسي زيادتي بعد کيس آري بليڊ سان جسم تي جھير ڏئي انتھائي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ لاش اڇلائي ڇڏيو. نينگر جي والد عبدالغفار وڳڻ تي پوليس ٻن ڄاتل ۽ ھڪ اڻ ڄاتل جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو آھي. ڪيس ۾ اغوا، قتل، جنسي زيادتي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا آھن. ھوڏانھن پوليس دعوا ڪئي آھي ته نينگر کي قتل ڪندڙ ھڪ جوابدار منور مغل پوليس مقابلي مارجي ويو آھي. پوليس موجب پوليس پارٽي گشت تي ھئي ته پڊعيدن روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جڏھن ته جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏھن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي نينگر جي قتل واري واقعي سبب علائقي ۾ ڏک واري لھر ڊوڙي وئي ۽ نينگر جي گھر ۾ ماتم برپا ٿي ويو. نينگر اسڪولي ڪپڙا مٽائي کيڏڻ ويو ته درندن جي ور چڙهيو نوشھروفيروز: مقتول نينگر جي والد عبدالغفار وڳڻ ٻڌايو ته منھنجو پٽ ٻه ڏينھن اڳ اسڪول ويو ھو، اسڪول مان واپسي بعد گھر ۾ ڊريس لاھي، ٻاھر راند ڪرڻ ويو، جتان آئيس نشي جو موالي منور کيس ورغلائي عرب ڪالوني وٺي ويو ۽ اڻ ڄاتل جاءِ تي رکي جنسي زيادتي ڪئي ۽ انتھائي بي درديءَ سان پٽ کي قتل ڪيو آھي. ھن چيو ته اسان کي ڳوٺ جي ھڪ ماڻھو ٻڌايو ته مان توھان جي نينگر کي منور مغل سان ڏٺو آهي، جنھن بعد سڄي معاملي جي نشاندھي ٿي. ھن چيو ته منھنجو پٽ سلڇڻو ۽ معصوم ھو. جوابدارن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي. ھن چيو ته ھڪ جوابدار منطقي انجام تي پھتو آھي، ھاڻ ٻيا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. نينگر جي قتل جهوري وڌو آهي، والدين پنهنجي ٻارن جو خيال رکن: ايس ايس پي نوشهروفيروز: نينگر قتل بابت ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگر جي قتل وارو واقعو جيءُ جهوريندڙ آھي. واقعي جو ھڪ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آھي. جڏھن ته نشو سماج لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي. والدين پنھنجي ٻارن جو خيال رکن. ھن چيو ته نينگر جي قتل ۾ ملوث وڌيڪ ٻه جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. جڏھن ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او جي اڳواڻي ۾ ٽيمون ڪم ڪري رھيون آھن. ڪوڙا بيان ڏيڻ بعد نيٺ قاتل ڏوهه باسيو، پوليس کي مختلف هنڌن تي گهمائيندو رهيو نوشهروفيروز: علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس جوابدار منور کي ھڪ ڏينھن اڳ گرفتار ڪيو ھو ۽ جوابدار پوليس کي مختلف ھنڌن تي وٺي وڃي پريشان ڪندو رھيو ۽ بعد ۾ گذريل رات جوابدار پوليس وٽ نينگر کي قتل ڪرڻ ۽ جنسي زيادتي جو اعتراف ڪيو ۽ لاش جي نشاندھي ڪئي. لاش ملڻ بعد پوليس جوابدار کي مبينا مقابلي ماري ڇڏيو. جوابدار شھر جي عرب ڪالوني جو رھواسي ھو ۽ آئيس جو نشو ڪندو ھو جنھن ڪري جوابدار مان پاڙي وارا ۽ مٽ مائٽ سڀ پريشان ھئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے