اسلام آباد:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)چين جا پرڏيهي وزير وانگ اي پنهنجي دوري تي سڀاڻي پاڪستان پهچندو.
ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير جناب وانگ اي 21 آگسٽ تي اسلام آباد جو دورو ڪندا، جتي هو ڇهين پاڪ - چين جا وزير حڪمت عملي بابت ڳالهه ٻولهه جي گڏيل صدارت به ڪندا.
هي دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي هڪجهڙائي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد هر موسم ۾ قائم حڪمت عملي واري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، هڪ ٻئي جي بنيادي قومي فائدن ۽ ضرورتن کي ٻيهر قائم ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري سهڪار کي وڌائڻ سان گڏ علائقي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم کي ورجائڻ آهي.
ذريعن موجب، اهو اهم ڳالهه ٻولهه، پاڪ - چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ عملي ڀائيواري کي نئين رُخ ڏيڻ ۾ يادگار قدم ثابت ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language