welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ تيز برسات: وزيراعظم جو سنڌ جي وڏي وزير سان ٽيليفون تي رابطو، هر قسم جي مدد جي آڇ

ڪراچي:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي فون ڪري هر قسم جي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ تيز برسات کان پوءِ جي صورتحال تي سنڌ جي وڏي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن وفاقي حڪومت طرفان سنڌ حڪومت کي هر قسم جي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي هر قسم جي مدد ڪندي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سنڌ حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته چيئرمين اين ڊي ايم اي هنگامي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت سان مڪمل طور تي تعاون ڪري. هن هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي چيئرمين سنڌ ۾ امڪاني برسات بابت مڪمل طور تي آگاهي ڏئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے