
ڪابل:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪ چين افغان پرڌيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪابل پهچي وي
رپورٽ موجب اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جي ڇهين اجلاس جي ٽئين دور ۾ شرڪت ڪندو. انهي اجلاس ۾ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، علائقائي رابطه ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان تعوان کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
نائب وزيراعظم سان گڏ افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائنده محمد صادق ۽ پرڏيهي وزارت جون سينئر اختياريون به ڪابل پهتيون آهن. ايئرپورٽ تي افغان نائب پرڏيهي وزير محمد نعيم، چيف آف اسٽيٽ پروٽوڪول فيصل جلالي، ڊائريڪٽر جنرل فرسٽ پوليٽيڪل مفتي نور احمد ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير عبيدالرحمان نظاماڻي اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو.
اجلاس جي دوران اسحاق ڊار جي افغان نگران پرڏيهي وزير سان ڌار ملاقات جو به امڪان آهي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. ڪابل ۾ ٿيل انهي اجلاس کي خطي ۾ استحڪام ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language