welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 22 آگسٽ تائين تيز طوفاني برسات جي اڳڪٿي، موسميات کاتي نئون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)موسميات کاتي 22 آگسٽ تائين سنڌ، بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ تيز سانوڻي جي برسات جي اڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا ذريعن موجب موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عرب سمنڊ ۽ بنگال مان سانوڻي جا طاقتور سلسلا ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن جو وڌيڪ اثر ڏاکڻين حصن تي ٿيندو. سنڌ جي ضلعن مٺي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، ڪراچي، ٺٽه، بدين، سجاول، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، سانگهڙ ۽ ڄامشورو ۾ کنوڻ سان برسات جڏهن ته ڪنهن ڪنهن هنڌ تي معمول کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ جيڪب آباد ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. بلوچستان جي ضلعن بارکهان، موسيٰ خيل، لورالائي، سبي، زوب، قلعه سيف الله، خضدار، لسبيله، آواران، ڪيچ، گوادر ۽ پنجگور ۾ به تيز هوائن کنوڻ سان برسات جو سلسلو 22 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو. انهي دوران اسلام آباد، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين پنجاب جي مختلف ضلعن خاص طور تي راولپنڊي، اٽڪ، مري، چڪوال، جهلم، گجرات، گجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، ڊيره غازي خان، ملتان ۽ راجن پور ۾ به هلڪي وچولي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگله، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، بونير، مالاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، پشاور، چارسده، نوشهره، مردان ۽ صوابي به برسات جي اثر هيٺ رهندا. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جا هيٺاهين وارا علائقا خاص طور تي ڪراچي، ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، سانگهڙ ۽ ڄامشورو ۾ طوفاني برسات سبب ٻوڏ جو امڪان آهي. جڏهن ته بلوچستان جي اترين ۽ ڏاکڻي حصن ۾ ندي نالن ۾ چاڙهه پيدا ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي اهڙي صورتحال ۾ عوام مسافرن ۽ سياحن کي غير ضروري طور تي خطرناڪ علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ تازي موسمي اطلاعن کان باخبر رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے