
ڪراچي:(اربع 20 آگسٽ 2025ع)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر جي سمورن وڏن روڊن تان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي، جنهن به جڳهه تي مسئلا آهن انهن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شهر جي سمورن وڏن روڊن تان برسات جو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي، گهٽين ۽ ننڍن روڊن تي بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ميئر ڪراچي ٻڌايو ته منهنجي رپورٽن موجب ڪراچي ۾ 235 ملي ميٽر برسات پئي آهي، اسان وٽ 40 ملي ميٽر برسات جي گنجائش موجود آهي. هن نالن جي صفائي تي ٿيل تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته نالن جي صفائي نه ٿئي ها ته پاڻي ڪيئن نيڪال ٿئي ها، هن وقت تائين 30 لک 24 هزار ڪيوسڪ فٽ پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي جيڪي ڪوتاهيون ٿيون انهن ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
انهي کان علاوه صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته برسات دوران عوام کي تمام گهڻي تڪليف ٿي آهي، انهن کان معذرت خواهه آهيون، وڌيڪ برسات پئي ته منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن.
انهي کان اڳ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو هو ته تنقيد ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، پر حقيقتون به ڏسڻ گهرجن. شهر ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان مسلسل برسات پئي آهي، اسان سڀ روڊن تي آهيون ۽ صورتحال کي ڏسي رهيا آهيون.
ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ برسات سبب متاثر علائقن جو پنڌ دورو ڪيو هن برسات ۾ بند ٿيل گاڏين کي ڌڪو ڏئي اسٽارٽ ڪرايو. سنڌ جي گورنر شهرين کي چيو ته گورنر هائوس جا دروازا سموري رات کليل آهن، هي اوهان جو گهر آهي، اچو رهائش ڪريو.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي هدايت تي گورنر هائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي. برسات ۽ ٽريفڪ سبب متاثر شهري هيلپ لائن 1366 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language