دادو:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)دادو جي نيو چونڪ ڀرسان ڪچهري روڊ تي نوجوان منور شيخ پاران پينو فقيرياڻي جهانڪي باگڙي کي چوري جي الزام هيٺ پڪڙي سري بازار چماٽون هڻي تشدد ڪرڻ کانپوءِ کيس اي سيڪشن ٿاڻي تي وٺي ويو ۽ پوليس آڏو شڪايت ڪئي ته هن فقيرياڻي خيرات گهري، کيسي مان پئيسا ڪڍي کيس 10 روپيا ڏنا ته هن جهٽ هڻي 4 هزار ڦريا آهن ، جيڪي واپس نه ٿي ڏئي، اي سيڪشن پوليس منور شيخ جي اهڙي شڪايت ٻڌڻ بنا کين واپس ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوء ٽائيم نيوز ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جي نوٽيس وٺڻ کانپوء اي سيڪشن پوليس منور شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language