welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ سرڪار پاران اسٽيل ملز جي1771ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ تي ڳڻتي: مامرو سي سي آءِ ۾ اٿاربو: سينيٽ ڪاميٽي

ڪراچي:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)وفاقي سرڪار پاران اسٽيل ملز جي 1771ايڪڙ زمين ايجوڪيشن سٽي ۽ ڳوٺن کي الاٽ ڪرڻ تي ڳڻتي: مامر و سي سي آءِ ۾ اٿارڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر عون عباس ۽ ميمبرن سيد مسرور احسن، خالده اطيب ۽ حسنه بانو اسٽيل ملز جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ملز جي چيئرمين اسد اسلام ماهي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جو 2024ع تائين خسارو 6 سئو ارب هو، اداري تي موجوده قرضن تي ساليانو 20 ارب رپيا وياج ادا ڪرڻو پوي ٿو، رڳو نيشنل بينڪ جا 89 ارب رهيل آهن، نيشنل بينڪ ئي 934 ملازمن جي پگهارن سميت خرچن لاءِ رقم فراهم ڪري ٿي، ڪاميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته حڪومت هن وقت ٻن منصوبن تي غور ڪري رهي آهي، پهريون ته روسي انڊسٽريل انجنيئرنگ ايل ايل سي ذريعي ملز کي بحال ڪيو وڃي يا وري پاڪستان اسٽيل ملز کي ختم ڪيو وڃي، بعد ۾ اسٽينڊنگ ڪاميٽي پورهيت يونين جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي، جن ڪاميٽي کي ملز جي فارغ ۽ موجوده ملازمن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو، ڪاميٽي پورهيتن جي شڪايتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ذيلي ڪاميٽي جوڙي، سينيٽ ڪاميٽي اسٽيل ملز جي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ موجوده انتظاميه پاران ورتل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته ڪاميٽي اداري ۾ مسلسل چوري وارداتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اختيارين کي هدايت ڪئي ته چوري سبب ٿيندڙ نقصان جو جائزو ورتو وڃي ، ڪاميٽي اها به تجويز ڏني ته اسٽيل ملز جي ناڪاره اثاثن جي نيلامي ڪئي وڃي، ڪاميٽي سنڌ سرڪار پاران اسٽيل ملز جي 1370 ايڪڙ زمين ايجوڪيشن سٽي ۽ 400 ايڪڙ زمين مختلف ڳوٺن کي الاٽ ڪرڻ تي تحفظات جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن الاٽمينٽ ڪيسن کي سي سي آءِ ۾ موڪليو وڃي، ڪاميٽي اسٽيل ملز جي مختلف پلانٽن جو دورو ڪرڻ بعد تجويز پيش ڪئي ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز هلائڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے