welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مخدوم بلاول ڀرسان ٽول ٽيڪس قائم: اوڳاڙي شروع: ڊرائيورن ۽ مالڪن جو احتجاج: چڪريون

راڻي پور:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)شھيد مخدوم بلاول ڀرسان خونڻ موري وٽ ٽول ٽيڪس قائم ڪري ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي شروع ڪئي وئي آھي، ٽول تي مقرر ملازمن پاران ميھڙ، ڪي اين شاھه، خانپور، ڪڪڙ کان دادو ايندڙ ويندڙ مقامي مسافر گاڏين وينن، ڪارن، ٽريڪٽر ٽرالين کان اوڳاڙي ڪرڻ خلاف غلام نبي، محسن ۽ عرفان احمد جي اڳواڻي ۾ مقامي گاڏين جي مالڪن توڙي ڊرائيورن ٽول ٽيڪس عملي جي زيادتين خلاف سخت احتجاج ڪندا رهيا انهي دوران ٽول جي عملي ۽ گاڏين جي مالڪن توڙي ڊرائيورن وچ ۾ منهن ماري، جهڙپون ٿينديون رهيون، جنهن سبب سڄو ڏينهن جهڙپن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل رهي، ٽول ٽيڪس جي عملي ۽ گاڏين جي مالڪن وچ ۾ جهڙپن جا ڦوٽيج ڪرڻ تي ٽول ٽيڪس عملي پاران سوشل ورڪرن کان موبائيل سيٽ کسڻ جي ڪئي ۽ کين ڦوٽيج ڪرڻ کان روڪيندا رهيا، گاڏين جي مالڪن ۽ ڊرائيورن سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته خونڻ موري وٽ قائم ڪيل ٽول ٽيڪس عملو مقامي گاڏين کان غير قانوني طور ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي شروع ڪئي آهي، مقامي گاڏين جي مالڪن چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن مقامي گاڏين کان ٽول اوڳاڙي بند نه ڪئي وئي ته هو عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ سان گڏ ڀرپور احتجاج ڪندا، ڪجهه ڏينهن اڳ پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ڀاءُ سردار ڏاتل خان جمالي ٽول ٽيڪس جو افتتاح ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے