
راڻيپور:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)راڻيپور شاھاڻي برادري ۽ سولنگي برادري ۾ مڇي جي ڍنڍ تي ٻن ڌرين ۾ مالڪي تان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو راڻيپور هائوس تي پير معشوق علي شاھه ۽ سردار معظم خان عباسي جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور تي 85 لک ڏنڊ مقرر ٽيو. ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. شاهاڻي برادري جي امام بخش شاھاڻي، ڏنل شاھاڻي جي ڌر جي قتل ٿيل صدام شاھاڻي ۽ سولنگي برادري الھجڙيو سولنگي جي ڌر جي قتل ٿيل ارشاد سولنگي ۽ شوڪت سولنگي جي خون جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. فيصلي ۾ خون بها 25 لک رپيا رکي وئي، شاھاڻي ڌر جا مشير عبدالخالق حاجي مشتاق مهر عرفان شاھاڻي محبت شاھاڻي جڏهن ته سولنگي برادري جا مشير ڏاڏو الھه بخش انڙ اظھر خان ڪماريو ٿيا. فيصلي موجب شاهاڻي ڌر تي ڪل 55 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويوآهي. جنهن تحت شاھاڻي ڌر مٿان ارشاد سولنگي جي خون ثابت ٿيڻ تي 25 لک رپيا ڏنڊ هنيو ويو. شاهاڻي برادري شوڪت سولنگي خون جي ساک ڏيندا، ساک نه ڏيڻ تي مٿن 25 لک رپيا ڏنڊ پوندو. سولنگي برادري مٿان صدام شاھاڻي جي خون جي بها 25 لک ۽ بي واجبي جا 5 لک رپيا رکيا ويا. سولنگين تي ڏنڊ جي ڪل رقم 30 لک رپيا رکيا ويا. پوليس ۾ ماڻھو ٻَڌرائڻ جي صفائي سولنگي شاھاڻي کان وٺندا، جيڪا صفائي فياض شاھاڻي ڏيندو. ارشاد سولنگي جي ٻڌرائڻ جي ساک به فياض شاھاڻي ڏيندو نويد کي کڻي وڃڻ جي والد يا چاچو ساک کڻندو جيڪڏھن ساک کڻندا ته 3 لک رپيا شاھاڻي ڀري ڏيندا وساڻ شاھاڻي تڪرار ۾ سولنگي برادري جا ايف آءِ آر ۾ نالا ڏيڻ تي 2 لک شاھاڻي ڀري ڏيندا ۽ ڪورٽ سڳوري مان نالا به خارج ڪرائيندا. مڇي جي تلاءُ واري ڍنڍ ڏسڻ ۽ مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ پير معشوق علي شاھ جي سرپئنچي ۾ سردار نظير ڄامڙو فقير عبدالخالق جاگيراڻي محمد ابراهيم ڪلھوڙو وڃي سرزمين ڏسي مسئلو حل ڪندا. ان موقعي تي پير معشوق علي شاھ سردار معظم خان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي قبائلي تڪرارن سبب سنڌ جو امن تباھه ٿي ويو آهي، قومون پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪن پر اسان جي سماج ۾ برادري تڪرار تباهي مچائي ڇڏيون آھن، مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون آهن، شهرن جون رونقون تباھ ٿي ويون آهن اڄ شاھاڻي برادري ۽ سولنگي برادري ۾ پاڻ ۾ فيصلو ٿيو راڻيپور ۾ امن جي فضا قائم ٿيندي ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي حڪم تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language