
:(سومر 03 آگسٽ 2025ع)سنڌياڻي تحريڪ ۽ ايس جي ايس ٽي طرفان ڪي اين شاهه لڳ ڳوٺ ڇپر خان گاڏهي ۾ هڪ ڏينھن جو تعليمي ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪيو ويو. تعليمي تربيتي ورڪشاپ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد، سنڌ جي عورتن جي مسئلن، ٻهراڙين ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن، نياڻين جي تعليم سميت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڊيمن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ سميت اهم موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.
تعليمي تربيتي ورڪشاپ ۾ سنڌ ۾ طبقاتي ۽ قومي جدوجهدن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو ڪردار جي موضوع تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح، سنڌ ۾ عورتن جي تعليمي صورتحال تي بختاور ملاح، شاگردياڻين جي سياست ڇو ضروري آهي تي ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري ۽ سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جا مسئلا جي عنوان تي ثمرين خاصخيلي ليڪچر ڏنا. سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ حوا خاتون عورتن سان ٿيندڙ ظلمن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌياڻي تحريڪ ۽ ايس جي ايس ٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعليم ۽ تربيت وسيلي ئي سماج ۾ بهتر سياست جي اڏاوت ڪري سگھجي ٿي. سنڌ ۾ عورتون ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهن. سنڌ ۾ هر روز ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، غيرت جي نالي تي قتل، ننڍي عمر جي شادين سميت ڪيترائي ڏوھ ٿين ٿا. عورتن سان ٿيندڙ ظلمن تي حڪومت سميت اعلي عدالتون خاموش آهن. نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ڪو ڪردار ادا نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نياڻيون تعليم نٿيون پرائي سگهن. عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قانون هجڻ باوجود انھن تي عمل نٿو ٿئي.
هنن وڌيڪ چيو ته سنڌياڻي تحريڪ سنڌ سميت ملڪ جي عورتن جي نمائنده جماعت آهي. سنڌياڻي تحريڪ ملڪ ۾ آمريتن خلاف جدوجھد ڪئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڄ به سنڌياڻي تحريڪ رسول بخش پليجي صاحب جي فڪر تي هلندي سنڌ جي قومي حقن لاءِ ميدان تي آهي. سنڌياڻي تحريڪ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڪينالن خلاف جدوجھد جاري رکندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language