پشاور:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)نيب ڪوهستان ضلعي اڪائونٽس آفيس مان اربين رپين جي مبينا غبن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي به ان حوالي سان طلب ڪيو ويو آهي.
نيب پاران جاري ڪيل بيان موجب، سي اينڊ ڊبليو ڊپارٽمينٽ، ضلعي اڪائونٽس آفيس، اي جي آفيس ۽ خانگي ٺيڪيدارن تي اربين رپين جي مبينا غبن ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.
نيب موجب، اهو انڪشاف ٿيو آهي ته سرڪاري خزاني مان 36 ارب رپين کان وڌيڪ رقم غير قانوني طور تي ڪڍي وئي آهي.
نيب موجب، اعظم سواتي کي 17 جولاءِ تي نيب پشاور آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اعظم سواتي کي رڪارڊ ۾ خامين جي وضاحت لاءِ نيب ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب، نوٽيس تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language