لنڊن:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)لنڊن ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٽريڊ ڊائلاگ ميڪانيزم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال ۽ برطانوي وزير ڊگلس اليگزينڊر معاهدي تي صحيحون ڪيون.
معاهدي ۾، ٻئي ملڪ واپاري موقعن کي ڳولڻ، رڪاوٽون هٽائڻ ۽ باهمي سيڙپڪاري وڌائڻ تي متفق ٿيا آهن.
معاهدي تحت گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ باقاعده جائزو اجلاس قائم ڪيا ويندا.
ٻنهي اڳواڻن ڊجيٽل واپار، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ دواسازي جهڙن شعبن ۾ تعاون تي زور ڏنو.
ترقي پذير ملڪن لاءِ برطانيه جي واپاري اسڪيم تحت پاڪستان کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
واپار واري وزارت جي هڪ بيان موجب، معاهدو ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ نئين معاشي دور ۾ داخل ٿيڻ جي بنياد بڻجندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language