
تل ابیب:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)اسرائيل ڪيترن ئي مهينن کان غزه ۾ کاڌي ۽ طبي سامان جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اسرائيلي اخبار هارٽز هاڻي ممنوع طبي شين جي هڪ فهرست عام ڪئي آهي.
اسرائيلي اخبار هارٽز پاران جون ۾ مرتب ڪيل ممنوع طبي شين جي فهرست ۾ آپريٽنگ ٽيبل، سرجري بليڊ (اسڪيلپل)، الٽراسائونڊ مشينن جا حصا ۽ ٻيا بنيادي طبي سامان شامل آهن.
اسرائيل طبي ضرورتن لاءِ جنريٽر ۽ موبائل هيلٿ ڪلينڪ لاءِ عارضي خيمن جي داخلا تي پڻ مڪمل پابندي لاڳو ڪئي آهي ۽ انهن شين کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي.
اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي ته اهي طبي سامان حماس پاران هٿيار ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري انهن کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي.
رپورٽ موجب، جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ تي سڀني طبي ۽ امدادي سامان جي ترسيل تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي، اسرائيلي سيڪيورٽي ايجنسين جي منظوري کان پوءِ صرف ڪجهه شين کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.
امدادي ادارن بعد ۾ طبي سامان پهچائڻ جي اجازت لاءِ درخواست ڏني، پر اسرائيل انهن کي رد ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، طبي سامان کان علاوه، اسرائيل خيما، ترپال، اسٽوريج يونٽ، سولر پينل، باهه وسائڻ وارا اوزار، بيٽريون ۽ ٻيون شيون به بند ڪري ڇڏيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language