welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪڇي ڪئنال فيز ٽو لاءِ ٽيڪنيڪل گروپ جوڙڻ ۽ اڏاوت تي سنڌ سرڪار مشروط راضي

اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)ٻٻرلوءِ وٽ سنڌ واسين جي ڌرڻي بعد سي سي آءِ جي اجلاس ۾ صوبن جي اتفاق راءِ تائين 6 ڪئنالن جي ڪم روڪڻ جي اعلان ڪيو ويو هو، جن مان ڪڇي ڪئنال فيز ٽو جي تعمير لاءِ گڏيل ٽڪنيڪل گروپ قائم ڪرڻ ۽ ڪڇي ڪئنال فيز ٽو جي تعمير لاءِ مشروط طور تي رٿابندي وزارت ۾ پي سي ون جمع ڪرائڻ جي فيصلي جي سنڌ حڪومت حمايت ڪري ڇڏي. جوڙيل گڏيل ٽيڪنيڪل گروپ جي سفارش تي پي سي ون ۾ ترميم شامل ڪئي ويندي تفصيل موجب ڪالھه پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير محمد معين وٽو جي صدارت هيٺ ڪڇي ڪئنال فيز ٽو، ٿري ۽ آر بي او ڊي فيز ون ۽ ٽو بابت وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪاميٽي جو چوٿون اجلاس ٿيو، پاڻي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس دوران اهم پاڻي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ٻيهر ورجايو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين واپڊا ۽ رٿابندي وزارت جي سينيئر عملدارن، پنجاب ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن جي نمائندن به شريڪ ڪئي. پڌرائي موجب ڪاميٽي وزيراعظم جي هدايت تي 24 جنوري 2024ع تي جوڙي وئي هئي، جنهن جو مقصد ڪڇي ڪئنال جي باقي مرحلن کي بر وقت تي مڪمل ڪرڻ، بلوچستان ۾ ٻوڏ جي خطري ۽ ڍانچاجاتي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ آر بي او ڊي نظام جي بحالي بابت اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس دوران پاڻي مامرن جي وفاقي وزير منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته هي منصوبا بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن. اجلاس ۾ منصوبن جي فني مامرن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن جي خدشن کي ڌيان سان ٻڌو ويو جنهن بعد اجلاس ۾ هڪ گڏيل ٽيڪنڪل گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو، جنهن جي سربراهي پاڻي وسيلن واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري ڪندو. هن گڏيل ٽيڪنڪل گروپ ۾ واپڊا، سنڌ آبپاشي کاتي ۽ بلوچستان آبپاشي کاتي جا نمائندا شامل هوندا. هي گڏيل ٽيڪنڪل گروپ سنڌ حڪومت جي خدشن جو جائزو وٺي مناسب حل تجويز ڪندو ۽ ٽن هفتن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو. پاڻي وزارت جي پڌرائي مطابق اجلاس ۾ اهو به طئي ٿيو ته ڪڇي ڪئنال فيز ٽو لاءِ مشروط پي سي ون رٿابندي ڪميشن وٽ جمع ڪرائي ويندي. جيڪڏهن فني گروپ منصوبن جي جوڙجڪ ۾ ڪا تبديلي تجويز ڪندو ته اها بعد ۾ پي سي ٽو ۾ شامل ڪئي ويندي. پاڻي مامرن جي وفاقي وزير اجلاس کي فيصلائتي قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو بلوچستان ۾ زرعي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو، هاڻي وڌيڪ دير جي گنجائش ناهي. وقت اندر عملدرآمد سان هن علائقي ۾ معاشي موقعن جا در کلندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے