welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ساحلي پٽي ۾ سامونڊي ويرون چڙهي آيون، ڳاڙهي وٽان بچاءُ بند کي گھارا، 8 ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو

سجاول:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)سامونڊي پٽي جي شهر ڳاڙهو جي ديھه محل ۾ سامونڊي ويرون چڙهي آيو. جنهن سبب حفاظتي بند کي گهارا پئجي ويا، جنهن ڪري اٺن ڳوٺن کي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو، ڳوٺاڻا رات ڏينهن بند تي بيهي پهرو ڏيڻ لڳا. ان ڏس ۾ ڳاڙهي ويجهو ديهه محل جي اٺن ڳوٺن محمد علي شولاڻي، عرس شولاڻي، جمن شولاڻي، سليمان شولاڻي، ميرو شولاڻي ۽ ٻين ڳوٺن کي ڏنل حفاظتي بند کي برسات ۽ سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب مختلف هنڌن کان گهارا پئجي رهيا آهن، جن کي ذڪر ڪيل ڳوٺن جا سوين ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڏينهن رات ٻڌڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. اهي بند ٽٽي وڃڻ جي صورت ۾ نه صرف ڄاڻايل ڳوٺن جو مالي پر جاني نقصان ٿيئڻ جو انديشو آهي. ان کان پهرين جو ڪا تباهي برپا ٿئي انتظاميا کي گھرجي ته فوري تحرڪ ورتو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے