welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ۾ قديمي مسيت وارو ماتمي جلوس برآمد، عزاداري، هر طرف يا حسين جون صدائون

سکر:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)پراڻو سکر جو قديمي ۽ تاريخي مسيت وارو ماتمي جلوس يا حسين جي صدائن سان لال مڪان واري پڙ تان برآمد ٿيو، انتهائي حساس قرار ڏنل قديمي ماتمي جلوس جي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، اوائلي وقت ۾ سنڌ جي عالم ۽ عارف شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو شروع ڪيل مسيت وارو قديمي ماتمي جلوس پراڻي سکر جي لال مڪان پِڙَ تان برپا ٿيو، جيڪو معصومي امام بارگاھ، ميرڪي گهٽي، بکر چوڪ، موسوي پاڙو، جنات بلڊنگ، معصومي محلا، بني هاشم محلو، شاهي بازار، رائل روڊ، مرڪزي جامع مسجد حيدري، خداداد روڊ، جيئي شاهه چوڪ کان ٿيندو ڏتل شاهه روڊ کان ٿيندو ڏتل شاھ قبرستان وٽ رات جو دير سان نهر ٿيو، ماتمي جلوس ۾ روهڙي، باگڙجي، ڪنڌرا، خيرپور، شڪارپور سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان هزارين عزادار مرد ۽ عورتن شرڪت ڪري سينا زني ڪئي، ھزارين عزدارن لاءِ وک وک تي نياز توڙي مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون پڻ لڳايون ويون هيون، اِن سان گڏ گرميءَ کان بچڻ جي لاءِ ڇتين تان توڙي ماتمي جلوس ۾ عزادارن مٿان پاڻي پڻ اڇلايو پئي ويو، ماتمي جلوس طرف ايندڙ سمورا رستا رڪاوٽون رکي سيل ڪيا ويا، پراڻو سکر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ٽريفڪ نظام ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ هڪ سئو کان وڌيڪ اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي ۽ پارڪنگ لاءِ پڻ اھلڪار مقرر ڪيا ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے