welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لغاري بجاراڻي ڳوٺ ۾ خوف، بک بدحالي: عورت جو ڌيءُ سوڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات

مورو:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)مورو ويجھو ڪچي جي ڳوٺ بجراڻي لغاري لڳ ھڪ عورت فضيلا پنھنجي ٽن سالن جي معصوم نياڻي ڀلي لغاري سان گڏ درياءَ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، جن جي لاشن جي مقامي ڳوٺاڻن پاران ڳولا جاري آھي، موقعي تي موجود وارثن جو چوڻ آھي ته فضيلا پنھنجي معصوم نياڻي ڀلي لغاري سان گڏ نڪتي ھئي، جنھن جو رئو ۽ جتي درياءَ جي ڪپ تان مليو آھن، عورت پنھنجي معصوم نياڻي جي بيماري سبب پريشان ھئي، جنهن ڪري نياڻي سميت ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي، وارثن جو چوڻ آھي ته اشفاق لغاري ھڪ پورھيت آھي، جيڪو ڪاٺيون ڪري گذر سفر ڪندو آھي، ڪجھه ڏينھن اڳ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار خلاف احتجاج دوران پيش ايندڙ واقعي کانپوءِ ڳوٺ لغاري بجاراڻي جا رھواسي بک ۽ بدحالي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن، جنھن سبب رھواسي سخت پريشان آھن ۽ فضيلا مجبور ٿي بي وسيءَ سبب معصوم نياڻي سميت ٽپو ڏنو آھي، هوڏانهن ڪامريڊ ڪومل لغاري چيو آھي ته اسان جي ڳوٺ کي مسلسل هراسان ڪيو ويو آھي، جنھن سبب رھواسي شھر نه پيا وڃي سگھن ۽ کاڌ خوراڪ سميت علاج جي سھولتن جي کوٽ آھي، بک بدحالي وڌڻ سبب اھڙا واقعا پيش اچي رھيا آھن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے