welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مهتاب ڏهر حملو ڪيس: شهريار ۽ سندس پٽ جي ضمانت رد

ڏھرڪي:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ شهريار شر ۽ پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت رد، شهريار شر ۽ پٽ جهانگير شر عدالت ئي نه پهتا، خبر موجب ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر عبوري ضمانت تي هئا، گذريل ٻڌڻي تي ايڊيشنل سيشن جج ڏهرڪي جي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا بيان قلمبند ڪري ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ايڊيشنل سيشن جج پرديپ ڪمار جي عدالت ٻنهي ڄڻن جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، شهريار شر ۽ جهانگير شر ضمانت رد ٿيڻ واري خدشي سبب عدالت ئي نه پهتا، رابطي ڪرڻ تي شهريار شر ٻڌايو ڪنهن مجبوري سبب عدالت نه پهچي سگهيا آھيون، عدالت جو فيصلو قبول آهي، هاڻي ضمانت لاءِ هاء ڪورٽ سان رجوع ڪنداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے