welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊکڻ ويجھو نينگر کي زنجيرن سان وڻ ۾ ٽنگي تشدد: وڊيو وائرل

ڊکڻ:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)ڊکڻ لڳ ڳوٺ سالار جکرو واسي مغوي نينگرن جي ٻي وڊيو وائرل، سيد ڪاشف شاھ کي ڌاڙيلن وڻ ۾ ٽنگي تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهي وارثن ڏي موڪلي ڇڏي، مغوي نينگر کي بيرحم ڌاڙيلن زنجير سان وڻ ۾ ٽنگي تشدد ڪرڻ ڏيکاريو ويو آهي، عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ٻارڙن رابيل چنو ۽ سيد ڪاشف شاھ کي ڌاڙيلن تتر ڏيڻ بهاني گهرائي گهوٽڪي جي ڪچي قادر پور واري علائقي ۾يرغمال بڻائي ڇڏيو هو، ڌاڙيلن پاران مغوين جي وارثن ڏانهن بار بار 50 لک رپيا ڀنگ گهرڻ جون فونون ڪري تشدد ڪرڻ جا وڊيوز وائرل ڪيا،ڌاڙيلن پاران ڪجهه ڏينهن اڳ به ٻنهي ٻارڙن جو وڊيو وائرل ڪيو هو جنهن ۾ هڪ نينگر جي ڄنگھه تي هٿيار سان فائر ڪري مٿن تشدد ڪرڻ ڏيکاريو ويو هو، مغوي نينگر سيد ڪاشف شاھ جي وائرل ٿيل وڊيو بعد سندس گهر ۾ ڪهرام پئجي ويو آهي، سندس چاچي سيد اڇن شاھ ٻڌايو ته اسان مسڪين آهيون بار بار پوليس آفيسرن ۽ علائقي جي چڱن مٺن ڏانهن ويا آهيون پر ڪوئي مدد نٿو ڪري،هن مطالبو ڪيو ته نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے