ڦلجي اسٽيشن:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)ڦلجي اسٽيشن مان سونيا دي اڪبر منگي مبينا طور اغوا ڪيو ويوآھي ، ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ محمد بخش تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سندن خلاف رپورٽ داخل ڪرڻ کانپوء رڪڻ پوليس ڦلجي اسٽيشن ۾ امير بخش منگي جي گهر تي چڙهائي ڪري 12 سالن جي نينگر مولا بخش منگي کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، نينگر جي گرفتاري ۽ ڦرلٽ خلاف مسمات رضيه ۽ ارشاد منگي جي اڳواڻي ۾ عورتن دادو پريس ڪلب پهچي رڪڻ پوليس خلاف احتجاج ڪندي داهيو آهي ته سونيا جي اغوا بابت ڄاڻ ناهي، رڪڻ پوليس بنا جواز گهرن ۾ گهڙي عورتن، ٻارڙن تي تشدد ڪري سولر پليٽ، بيٽري، پکو کڻي وئي آهي ، گرفتار ڪيل نينگر کي آزاد ڪري ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڏياريو وڃي
0 تبصرے
Do not use vulgar language