welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيٽرول ۽ ڊيزل تي اڍائي رپيا نئون ٽيڪس لاڳو: حڪومت 15 ڏينهن ۾ 46 ارب اوڳاڙيندي

اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)وفاقي حڪومت نئين مالي سال جي پهرين ڏينهن يعني پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي في لٽر تي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏي، نئين ٽيڪس بعد پيٽرول جي في لٽر تي ٽيڪس 101 رپيو 49 پيسا ۽ هاءِ اسيپڊ ڊيزل جي لٽر تي ٽيڪس 95 رپيا 74 پيسن تي پهچي وئي. تفصيل موجب وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر تي 10 رپيا 39 پيسا ۽ پيٽرول جي في لٽر قيمتن ۾ 8 رپيا 36 پيسن جي واڌ ڪئي آھي واڌ بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر جي قيمت وڌائي 272 رپيا 98 پيسا ۽ پيٽرول جي في لٽر جي قيمت وڌائي 266 رپيا 79 پيسا مقرر ڪئي وئي آھي. نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي في لٽر تي ٽيڪسز ۽ ڊيوٽي وڌي 101 رپيو 49 پيسا ٿي وئي آھي جن ۾ وفاقي حڪومت پاران پهرين جولاءِ کان پيٽرول جي في لٽر تي آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ڪاربن ليوي جي نالي اڍائي رپيا نئين ٽيڪس به شامل آھي جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي في لٽر تي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 75 رپيا 52 پيسا، فريٽ مارجن يعني آءِ ايف اي ايم جي مد ۾ 6 رپيا 96 پيسا، پيٽرول جي في لٽر تي تيل ڪمپنين جو مارجن يعني او ايم جي مارجن 7 رپيا 87 پيسا ۽ في لٽر تي ڊيلر مارجن 8.64 پيسا مقرر ڪيو ويو آھي. نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي في لٽر جي ايڪس رفائنري قيمت 165.30 پيسا آھي ٽيڪس شامل ڪرڻ بعد پيٽرول جي في لٽر جي قيمت 266.79 مقرر ڪئي وئي آھي، ائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر تي ٽيڪس وڌي 95 رپيا 74 پيسا ٿي وئي آھي جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر تي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي اڍائي رپيا، پيٽروليم ليوي 74.51 پيسا ، آءِ ايف اي ايم 2.09 پيسا، او ايم جي مارجن 8 رپيا، ڊيلر مارجن 8.64 پيسا شامل آھي. ٻئي طرف پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل کان پوءِ گاسليٽ جي في لٽر قيمت ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آھي ، گاسليٽ جي في لٽر قيمت ۾ 15 رپيا 23 پيسا في لٽر واڌ کان پوءِ نئين قيمت 184 رپيا 43 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا طرفان قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جيڪو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿي ويو آهي. ان کان اڳ گاسليٽ جي في لٽر جي قيمت 169 رُپيا 20 پيسا في لٽر هئي. وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين رڳو پنڌرنهن ڏينهن ۾ عوام کان پيٽرول تي مجموعي طور تي 43 ارب 8 ڪروڙ، 25 لک ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 3 ارب 30 ڪروڙ، 30 لک 30 هزار رپيا ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪندي پيٽروليم وزارت جي ذميوار ذريعن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آھي ته ملڪ اندر روزانو هڪ اندازي مطابق 2 ڪروڙ 83 لک لٽر پيٽرول وڪرو ٿيندو آھي ان حساب سان پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 ڪروڙ 45 لک لٽر پيٽرول وڪرو ٿيندو، حڪومت ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ في لٽر پيٽرول تي عوام کان 101 روپيا 49 پيسا وصول ڪري رهي آھي ان حساب سان حڪومت رڳو 15 ڏينهن ۾ عوام کان پيٽرول تي 42 ارب 8 ڪروڙ 25 لک پنج هزار رپيا ٽيڪسن جي مد ۾ وصول ڪندي. پيٽروليم وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آھي ته پاڪستان ۾ روزانو هڪ ڪاٿي مطابق 23 لک هاءِ اسپيڊ ڊيزل وڪرو ٿيندو آھي مطلب ته گهٽ ۾ گهٽ پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ 45 لک لٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل وڪرو ٿيندو، حڪومت في لٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي عوام کان 95 روپيا 74 پيسا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ وصول ڪري رهي آھي ان حساب سان حڪومت پنڌرنهن ڏينهن ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ٽيڪسن جي مد ۾ عوام کان 3 ارب 30 ڪروڙ ،30 لک،30 هزار روپيا وصول ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے