welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهوٽڪي ويجهو 3 ڄڻا تتر ڏيڻ بهاني ڪچي گهرائي اغوا، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب

گھوٽڪي:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)گهوٽڪي ويجهو 3 ڳوٺاڻا تتر ڏيڻ بهاني ڪچي گهرائي اغوا، پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪارروائي نه ڪئي، ڌاڙيلن جو وارثن کي فون، هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب، وارثن جو مظاهرو، خبرموجب گھوٽڪي ويجھو ڳوٺ جمعو سنگھڙ واسي ٽن ڄڻن غلام شبير سنگھڙ، حفيظ سنگهڙ ۽ ذيشان سنگھڙ کي ڌاڙيلن تتر خريد ڪرڻ لاءِ گهرائي اغوا ڪري ورتو، مغوين جي وارثن پوليس کي ٻڌايو ته نوجوان ڪچو ٻنڊي جي گهنڃا پل واري پاسي تترن جي شوقينن سان فون تي رابطو ڪري تتر خريد ڪرڻ لاءِ ويا ته واپس نه موٽيا، مغوين جي موبائيل فون تان ڌاڙيلن فون ڪري هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي، مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن علم سنگھڙ، عمران علي سنگھڙ، محمد حاصل سنگھڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھروڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان مسڪين ماڻھو آھيون، هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ ڏيڻ اسان جي وس ۾ ناھي، پوليس اسان جي مغوين کي خيريت سان بازياب ڪرائي، ٻئي صورت ۾ ٻن ڏينهن بعد قومي شاهراهه بند ڪيو ويندو، بعد ۾ ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي مظاهرين کي يقين ڏياريو ته نوجوانن جي موبائيلن جي ٽريسنگ ذريعي پتو لڳايون پيا، کين جلد بازياب ڪرايو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے