welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بنگلاديش: اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه کي توهين عدالت تي 6 مهينا قيد جي سزا

ڍاڪا:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)بنگلاديش جي انٽرنيشڻل ڪرائم ٽربيونل شيخ حسينه واجد کي توهين عدالت تي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. بنگلاديشي اخبار موجب اڳوڻي وزيراعظم جي هڪ مبينه آڊيو ليڪ ٿي هئي جنهن ۾ شيخ حسينه مقامي اڳواڻ کي چيو هو ته منهنجي خلاف 227 ڪيس آهن، هاڻ مون کي 227 ماڻهن کي مارڻ جو لائسنس ملي ويو آهي. رپورٽ موجب عالت شيخ حسينه جي انهي بيان کي عدالتي ڪاروائي ۾ مداخلت ۽ توهين عدالت قرار ڏنو جنهن کان پوءِ کيس 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي. بنگلاديشي ميڊيا موجب عدالت عوامي ليگ جي شاگرد تنظيم ڇهاترا ليگ جي اڳواڻ شڪيل آکنڊ کي به 2 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي. ياد رهي ته عوامي ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم گذريل سال آگسٽ ۾ هلندڙ شاگردن جي تحريڪ کان پوءِ ملڪ مان فرار ٿي ڀارت هلي وئي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے