پشاور:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)اي اين پي مخصوص سيٽن جي ورهاست بابت اليڪشن ڪميشن جي طريقيڪار کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.
عوامي نيشنل پارٽي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڌر بنايو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورهاست صحيح طريقي سان ناهي ڪئي، جنرل اليڪشن ۾ هڪ سيٽ ملڻ تي هڪ مخصوص سيٽ ڏني وئي.
درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ۾ 2 سيٽون آهن مخصوص به 2 ملڻ گهرجن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اي اين پي کي عورتن جي هڪ مخصوص سيٽ ڏني وئي آهي. باجوڙ ضمني چونڊن ۾ اي اين پي کي ٻئي سيٽ ملي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language