لاھور:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه سيڪريٽري جوڊيشل ڪميشن کي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب جسٽس منصور شاهه خط گذريل ڏينهن جي اجلاس کان پوءِ لکيو، خط ۾ ججز جي سينارٽي کي مقرر ڪرڻ واري معاملي تي گهري خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
خط ۾ ججز سينارٽي بنا ڪنهن مشاورت جي طئي ڪرڻ تي سوال اٿاريا ويا، صدر سينارٽي طئي ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس سان مشاورت جو پابند هو.
جسٽس منصور پنهنجي خط ۾ واضح ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 200 جي تحت مشاورت لازمي هئي، خط ۾ چيو ويو ته صدر آصف زرداري تڪڙ ۾ پاڻ ئي سينارٽي طئي ڪري ڇڏي.
خط ۾ نشاندهي ڪندي چيو ويو ته معاملو اڳ ئي انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته منهنجي راءِ ۾ مشاورت لازمي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language