welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي سرڪار پينشنرز کي ٻيهر نوڪري دوران پينشن وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)وفاقي سرڪار پينشنرز کي ٻيهر نوڪري جي دوران پينشن وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ٻيهر نوڪري جي دوران پينشن وصول ڪرڻ جي اجازت انهي شرط تي ڏني وئي آهي ته انهي جي پگهار مان سندس گڏيل پينشن جي برابر رقم مهيا ڪئي ويندي. انهي قدم سان اهڙن هزارين پينشنرز کي فائدو ٿيندو جيڪي هڪ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ صدر سيڪريٽريٽ، وزيراعظم سيڪريٽريٽ، سپريم ڪورٽ پاڪستان، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ اليڪشن ڪميشن پاڪستان سميت 36 مختلف ادارن ۾ ٻيهر نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. انهي کان اڳ ناڻي واري وزارت ٻيهر نوڪري اختيار ڪندڙ ماڻهن کي يا ته پگهار ڏيڻ يا پينشن وٺڻ جو اختيار ڏنو هو ۽ ٻنهي کي گڏ حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. ناڻي واري وزارت جي ريگوليشن ونگ کي ٻڌايو ويو هو ته ٻيهر نوڪري جي صورت ۾ پگهار يا پينشن مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻ جي شرط مختلف ادارن جي لاءِ عملو برقرار رکڻ ۾ پريشانيون پيدا ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے