
تھران:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان آءِ اي اي اي سان تعاون معطلي جو قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ملڪ جي پارليامينٽ اسرائيل ايران جنگ کان پوءِ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي(آءِ اي اي اي) جي رويي کي ڏسندي انهي سان تعاون معطلي جو بل منظور ڪيو هو جنهن جي ايراني سپريم ڪونسل به توثيق ڪئي هئي.
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان هاڻ باقاعده طور تي انهي قانون کي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت ايران آءِ اي اي اي سان تعاون معطل ڪري ڇڏيو آهي. پارليامينٽ مان منظور انهي قانون جي تحت ايران آءِ اي اي اي جي انسپيڪٽر کي پنهنجي ايٽمي ٺڪاڻن جي ضمانت تائين انهي ۾ داخلا جي اجازت نه ڏيندو.
ايراني پارليامينٽ جو چوڻ آهي ته ايوان هڪ اهڙي بل تي به ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ آءِ اي اي اي سان تعاون انهي وقت تائين معطل رهندو جيستائين انهي جي طرفان پيشوارانه رويو اختيار نٿو ڪيو وڃي.
انهي کان علاوه ايران آءِ اي اي اي جي سربراهه رافيل گروسي جي داخلا تي به پابندي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ايراني سينئر پارليامينٽ ميمبر چيو ته اسان سپريم ڪونسل تي آءِ اي اي اي جي سربراهه جي داخلا تي پابندي جي لاءِ زور ڏنو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language