قمبر:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)قمبر ڀرسان تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 نوجوانَ ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آهن
قمبر ڀرسان ڳوٺ دوست علي نائچ ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ۾ ڳوٺ سليمان چانڊيو جا رهواسي علي رضا ۽ ارشاد چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا
فوتين جا لاش وارث پوسٽ مارٽم لاءِ قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻائي آيا، جڏهن ته نوجوانن جا مڙھ گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي، فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي تي چڙهي ساريالي فصل جو رونبو ڪرائڻ لاءِ زرعي زمين تي وڃي رهيا هئاسين ته موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language